ڀٽو غلام رضا

ڀٽو، غلام رضا: مشهور استاد ۽ تعليم دان غلام رضا ڀٽو، 16 فيبروري 1916ع تي هالا شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو نواز علي ڀٽو هو. پاڻ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ تعليم کاتي ۾ ملازم ٿيو ۽ مختصر وقت لاءِ 23 جولاءِ 1935ع کان اينگلو ورنيڪيولر اسڪول هالا ۾ نائب ماستر جي حيثيت سان پنهنجو علمي ڪردار شروع ڪيائين. ملازمت سان گڏوگڏ اعليٰ تعليم به حاصل ڪندو رهيو. مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان بي. اي ۽ حڪومت سنڌ جي تربيتي اداري مان ايس. ٽي. سي جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيائين. هڪ اپريل 1946ع ۾ کيس ترقي ڏئي ميونسپل هاءِ اسڪول هالا جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو.
غلام رضا ڀُٽي کي ريڊ ڪراس تحريڪ ۾ خدمتون سر انجام ڏيڻ تي حڪومت مغربي پاڪستان جي طرفان، پنج فرسٽ ڪلاس ۽ ٻه سيڪنڊ ڪلاس سَندون پڻ عطا ٿيون.
هن عالم شخص هڪ انگريزي ڪتاب جو ”اقتصادي انصاف“ جي عنوان سان ترجمو ڪيو هو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. هُن جي علامه آءِ.آءِ. قاضيءَ سان به ڪافي ويجهڙائپ هئي. وفات کان اڳ قاضي صاحب هڪ اهم خط غلام رضا ڀُٽي کي لکيو هو، جنهن جي تاريخي حيثيت آهي، اهو خط علي احمد بروهيءَ وٽ محفوظ هو. غلام رضا ڀٽو 21 اپريل 1986ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس فرزند نواز علي ڀٽو سنڌ يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار رهيو جيڪو هاڻ رٽائرڊ آهي، ۽ ٻيا فرزند ڊاڪٽر انور ڀٽو، رياض ڀٽو ۽ ساجد ڀٽو مختلف شعبن سان لاڳاپيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.02.16  عيسوي

غلام رضا ڀٽو ، 16 فيبروري 1916ع تي هالا شهر ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي خميسو خان ميمڻ
پير شاهه ڪوثر
قاضي انور احمد
بهلول لوڌي
ڊيڪارٽ
حميره علواڻي
اسلم تنيو
جعفري غلام حسين
فقيرعلي گل جلالاڻي صوفي
آسر فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون